حيدر بخش ’عزيز‘ گوپانگ

حيدر بخش ’عزيز‘ گوپانگ

حيدر بخش عزيز گوپانگ

حيدر بخش ’عزيز‘ گوپانگ: شاعر ۽ اديب حيدر بخش ’عزيز‘ گوپانگ، 14 جولاءِ 1962ع تي ڳوٺ حاجي خان گوپانگ تعلقي ڪنڊياري ۾ نامياري تعليمدان محمد صالح گوپانگ جي گهر ۾ جنم ورتو. پرائمري کان ڪـاليـج تائيـن هـن سـمـوري تـعليم سانگهڙ مان حاصل ڪئي. 1986ع ڌاري هـن ســنـڌ يـونيـورسـٽيءَ مـان ايـم. اي (سنڌي) جي ڊگري ورتي، جــڏهن تـه آغا خان ايجوڪيشن طرفان به هڪ ڪورس ڪيل اٿس.
’عزيز‘ گوپانگ اسڪول جي زماني کان ئي لکڻ شروع ڪيو، سندس شاعري ۽ مضمون ’گلن جهڙا ٻارڙا‘، ’گل ڦل‘ کان علاوه مختلف اخباري صفحن ۾ شايع ٿيندا رهيا. 1980ع کان پوءِ هن ’مهراڻ‘ ۽ ’نئين زندگيءَ‘ ۾ لکڻ شروع ڪيو 1983ع ۾ پنهنجي همعصر دوست ۽ شاعر معصوم سانگهڙائيءَ سان گڏجي سنڌ جي سڀني شهرن ۾ ناٽڪ منڊليءَ جي بطور اسٽيج ناٽڪ پيش ڪيائين. اڳتي هلي هن روزاني ’ڪاوش‘ ۽ ’عبرت‘ اخبار ۾ باقاعدگيءَ سان ڪالم لکڻ شروع ڪيا. 1996ع ۾ جڏهن روزاني ’عبرت‘ جو ادبي مخزن ’بختاور‘ جاري ٿيو ته هي ان جو ايڊيٽر رهيو. ملازمت جي سلسلي ۾ هن استاد طور ڪيڊٽ ڪاليج پيٽارو؛ ڪيڊٽ ڪاليج سانگهڙ؛ پبلڪ اسڪول ميرپورخاص وغيره ۾ فرض سرانجام ڏنا. آغا خان اسڪول، سلطان آباد ۽ ڪائونٽي ڪئمبرج گرلس ڪاليج جو پرنسپال به رهيو، هن وقت فاران آبادگار اسڪول، شيخ ڀرڪئي ۾ پرنسپال طور خدمتون ادا ڪري رهيو آهي. هي سنڌ ٽيڪسٽ بورڊ ۾ سبجيڪٽ اسپيشلسٽ به رهيو، جڏهن ته سرڪاري ليڪچررشپ ڇڏي علمي ادبي ڪم ۾ مشغول رهيو.
حيدر بخش ’عزيز‘ گوپانگ لغت جي ڪم تي به خاص ڌيان ڏنو، هن ذاتي محنت سان ڪيتريون ئي ڊڪشنريون تيار ڪيون، جن ۾:
(1) Sindhica Concise English – Sindhi Dictionary,
(2) Sindhica Pictorial Dictionary,
(3) ’سنڌي- سنڌي-انگريزي لغت‘ پڻ اهم آهن.
سندس ڇپيل ڪتابن ۾: (1) ’وصال جا آخري ڏينهن‘ (شاعري-2007ع)، (2) ’لشڪر دشمنان ۽ اڪيلي بينظير‘ (چونڊ ڪالم-2011ع)، (3) ’عمر اوٺي اباڻن جا‘ (سوانحي خاڪا- 2011ع) شامل آهن.
هن وقت پاڻ حيدرآباد ۾ رهائش پذير آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1962.07.14  عيسوي

شاعر ۽ اديب حيدر بخش ’عزيز‘ گوپانگ، 14 جولاءِ 1962ع تي ڳوٺ حاجي خان گوپانگ تعلقي ڪنڊياري ۾ نامياري تعليمدان محمد صالح گوپانگ جي گهر ۾ جنم ورتو.



اديب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

رفيق احمد مڱريو ڊاڪٽر
آنند کيماڻي
شمشاد احمد سومرو
عبدالڪريم ٻگهيوحاجي
شاهنواز فقير نظاماڻي
اشفاق انصاري
شاهه بليغ الدين
سيد محسن علي شاهه بخاري
رضوي ماڪن شاهه
رئوف نظاماڻي
اديب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون